اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چي?? آهي ته وزيراعظم شهباز شريف 12 ۽ 13 آڪٽوبر تي آستانه قازقستان ۾ سيڪا جي ڇهين ??رب??اهه اجلاس کي ??نهنجي خطاب ۾ علائقائي ۽ عالمي سطح تي اهم مسئلن خاص طور تي موسمياتي تبديلي سان پيدا ٿيندڙ چئلينجز بابت پاڪستان جو موقف پيش ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عالمي ۽ علائقائي امن ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ??رجايو، هن علائقائي ۽ ذيلي علائقائي سطح تي حصيداري ۽ خودمختيار بر??بري جي بنياد تي سمورين رياستن سان خوشگوار لاڳاپن کي ??روغ ڏيڻ سميت پاڪستاني عوام جي سماجي ۽ اقتصادي ڀلائي جي هدف کي ترجيح ڏيڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم خطي خاص طور تي افغانستان ۾ امن ۽ سلامتي جي فروغ ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار کانسواءِ پاڪ چين اقتصادي لنگهه سميت مختلف قدمن جي ذريعي ايشيا ۾ رابطن کي ??ضبوط بڻائڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ??ڻ اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن ۽ ان کانپوءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي سطح تي مڃيل تڪراري حيثيت کي ??قصان پهچائڻ جي سمورن قدمن بشمول والاريل علائقي ۾ غيرقانوني آبادياتي تبديلي ماحول کي خراب ڪي?? آهي ۽ ڳالهه ٻولهه جي گنجائش کي ختم ڪري ڇڏي?? آهي. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پائيدار امن جي لاءِ ضروري آهي. بيان موجب سيڪا هڪ بين الحڪومتي قدم آهي جنهن جو مقصد ايشيا ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام کي ??روغ ڏيڻ آهي. 27 ميمبر ملڪن تي ٻڌل سيڪا سڄي ايشيا جي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون جو هڪ فورم آهي. پاڪستان سيڪا جي باني ميمبرن مان هڪ آهي ۽ هو ان جي ڪم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي رهي?? آهي.
متعلقہ مضامین
-
4.5 magnitude quake jolts Balochistan
-
Two newly-elected senators take oath
-
LHC expresses concern over shortage of underground water
-
Veteran Pakistani comedian Javed ‘Kodu’ passes away
-
اوپیرا ڈائنیسٹی آفیشل اینٹرٹینمینٹ ایپ
-
Aitzaz is not a ‘dracula’: Nisar
-
Talal asks PTI to avoid making parliament D-Chowk
-
سبا اسپورٹس اینڈ انٹرٹینمنٹ آفیشل ایپ
-
آن لائن سرکاری تفریحی ویب سائٹ اور ڈیٹا بیس کا جدید نظام
-
فارچیون ٹائیگر آفیشل ڈاؤن لوڈ کی مکمل گائیڈ
-
FTG کارڈ گیم: ایماندار بیٹنگ کا بہترین پلیٹ فارم
-
جی زیانگ لونگھو اور کریڈیبلٹی انٹرٹینمنٹ پلیٹ فارم کی منفرد شراکت