لاهور – 08 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته غلط بيان حلفي جمع ڪرائڻ تي شهباز شريف کي جيل وڃڻ گهرجي، ??هباز شريف پنهنجي سيٽ جي فڪر ڪري، وزيراعظم بڻجڻ وسري وڃي، هو ايم اين اي به نه ٿو بڻجي سگهي، مولانا فضل الرحمان، شهباز شريف ۽ بلاول جي آئيڊيالاجي پاڻ ۾ نه ٿي ملي، مخالف ڌر وڻ وڻ جي ڪاٺيءَ آهي، ??هي اسلام آباد آيا ته انهن کي جدا جدا تنبو لڳائي ڏينداسين ته جيئن اهي پاڻ ۾ نه وڙهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس دوران صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود ۽ نوجوانن جي معاملن وارو خاص معاون عثمان ڊار پڻ موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر پاران مريءَ ۾ سخت موسمي حالتن تي به سي??ست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ??اهد خاقان عباسي جنهن تڪ مان چونڊيو، کيس پنهنجي ماڻهن جي مدد لاءِ اتي وڃڻ گهرجي ها پر هو پنڊي ۾ ويهي پريس ڪانفرنس ڪندو رهيو. هن چيو ته مريم نواز به بي حس سي??ست ڪئي، مخالف ڌر جي سي??ست اهميت نه ٿي رکي، ??نهن جو ڪم رڳو گوڙ ڪرڻ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شهباز شريف غلط بيان حلفي جمع ڪرايو، ايندڙ هفتي وفاقي حڪومت پاران لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ان ڏس ۾ ڪيس فائيل ٿي ??ين??و، شهباز شريف کي پنهنجي سيٽ جي فڪر ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم بڻجڻ وسري وڃي، هو ايم اين اي به نه ٿو بڻجي سگهي، ??ن ڪيس ۾ 5 سال جي نااهليت آهي. بلدياتي چونڊن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته اسان هڪ جهڙو نظام چاهيو پئي پر اسان جي اتحادين سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ته پنجاب ۾ ضلعي سطح تي سڌوسنئون چونڊون ڪرايون وڃن. نظام هڪ ئي آهي، ??يبرپختونخواهه ۾ تعلقي سطح تي سڌوسنئون چونڊون ٿيون، هتي ضلعي سطح تي چونڊون ٿينديون. احتساب جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز کي سزا ٿي چڪي آهي، ??هباز شريف ۽ حمزه شهباز جا ڪيسز عدالتن ۾ آهن، ايندڙ 6 کان 8 مهينن ۾ وڏيون مڇيون ان تالاب مان ٻاهر هونديون، ايندڙ چونڊن ۾ اهي ماڻهو نه هوندا. چوڌري فواد حسين چيو ته زرداري صاحب کان اومني اڪائونٽس ڪيس ۾ 12 ارب رپين کان وڌيڪ جي ريڪوري ٿي چڪي آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ماڻهن جي خواهش هئي ته احتساب جو عمل وڌيڪ تيز ٿيڻ گهرجي. هڪ سوال تي هن چيو ته جهانگير ترين پارٽي جي خلاف ڪو بيان ناهي ڏنو، شادي وغيره جي تقريبن ۾ گپ شپ ٿيندي رهندي آهي. ڏکڻ پنجاب، اتر پنجاب يا سينٽرل پنجاب هجي سڄي ملڪ مان ووٽ عمران خان جو آهي، ??سان کي عمران خان جي نالي تي ووٽ مليو آهي، ??مران خان جي نالي تي ووٽ وٺي اسان اسيمبلين ۾ آيا آهيون. هن چيو ته لانگ مارچ اصل ۾ لونگ گواچه آهي، مخالف ڌر ان جي ڳولا ۾ نڪتل آهي، مخالف ڌر جي نه ڪا سي??ست آهي ۽ نه ئي ڪو مقصد. هن چيو ته فضل الرحمان، شهباز شريف ۽ بلاول جي آئيڊيالاجي پاڻ ۾ نه ٿي ملي، ??نيادي طور تي مخالف ڌر وڻ وڻ جي ڪاٺي آهي، ??هي اسلام آباد آيا ته اسان انهن کي جدا جدا تنبو لڳائي ڏينداسين ته جيئن اهي پاڻ ۾ نه وڙهن، انهن جا جيترا ماڻهو آهن اهي تنبوئن ۾ اچي ??ين??ا.
متعلقہ مضامین
-
Karachi faces prolonged power outages after heavy rain
-
New Zealand secure Champions Trophy final spot after beating South Africa
-
Wealth Forging کے سرکاری تفریحی لنک
-
US wanted Benazir to become PM, Musharraf to remain president
-
Qandeel murder case: Mufti Qavi to undergo polygraph test
-
GB to benefit from CPEC the most: Mamnoon
-
Satire: FIR registered against nation for harassing teen at work
-
Unionists call for end to child labour, welcome SC actions
-
Govt decides to slap ban on Jundullah
-
GEM Electronic Entertainment کا سرکاری داخلہ
-
TP کارڈ گیم تفریحی سرکاری ویب سائٹ
-
Gold Blitz Rasmi Download Darwaza